خزينة المخطوطات جلد-2

خزينة المخطوطات جلد-2

خزينة المخطوطات جلد-2

خزينة المخطوطات جلد-2 (ڪتاب): مخدوم سليم الله صديقيءَ جو هي ڪتاب سنڌ جي قديم ڪتبخانن ۾ موجود قلمي نسخن تي مشتمل آهي. سرڪاري توڙي نجي ڪتبخانن ۾ سوين هزارين قلمي نسخا موجود آهن. مخدوم سليم الله صديقيءَ وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ سان سنڌ جي ادبي ادارن ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود ڪتبخانن ۾ موجود قلمي نسخن جو تفصيل گڏ ڪيو آهي. هن ڪتاب جي پهرين جلد ۾ ڏهن هزارن قلمي نسخن جو تفصيل ڏنو ويو هو ۽ هن ٻئي جلد ۾ ڇهن هزارن مخطوطن / قلمي نسخن جو تفصيل ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ’چڱا اکر‘ جي عنوان سان لکندي ڊاڪٽر محمد ادريس سومري ڄاڻايو آهي ته: ڳڻپ جي اعتبار کان هي بظاهر سورهن هزار قلمي ڪتابن جي معلومات ڏني وئي آهي، حقيقت ۾ اهي 20 هزار ڪتاب آهن، جن ۾ مجموعا ۽ رسالا به شامل آهن. هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ جن سرڪاري ڪتبخانن معلومات ڏني آهي، تن ۾: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، آرڪيالاجيڪل ميوزم عمرڪوٽ، سچل سرمست لائبريري خيرپور، انجمن ترقي اردو ڪراچي ۽ منصورن جا ڪتبخانا شامل آهن، جڏهن ته نجي ڪتبخانن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، الڪبيرا اڪيڊمي ڪوٽڙي ڪبير، ڪتبخانو قاضي غلام محمد قريشي (هالا پراڻا)، مولانا ڪريم بخش مگسي اڪبر مسجد (ميهڙ)، جامعة الاسلامة قِراني (ڳوٺ عمر ڀنڀرو، عمرڪوٽ)، ڪتبخانو فقير بشير لغاري (ڳوٺ غلام علي لغاري، ڊگهڙي)، مڪتبه مجدديه (ٽنڊو سائينداد)، فهرست مخطوطات ڪتبخانه آشيانه ادب (ڳڙهي ياسين، شڪارپور)، فهرست مخطوطات ڪتبخانه قاضي لعل محمد متعلوي (مٽياري)، ڪتب خانه مفيد عام دواخانه (سيوهڻ)، ڪتبخانه عبدالله بن عبدالله (درٻيلو)، ڪتبخانه ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان (حيدرآباد)، ڪتب خانو مدرسه مظهر العلوم (کڏو، ڪراچي)، گل حيات انسٽيٽيوٽ (ڳوٺ آريجا-لاڙڪاڻو) ڪتبخانه پير ميان محمدي قريشي (ابجي)، موسوي لائبريري (روهڙي)، ڪتبخانه مولانا حافظ محمد اسماعيل (کڏو، ڪراچي)، ڪتبخانه مفتي مولانا محمد شفيع (ڪراچي)، فهرست مخطوطات الـمـڪـتـبه مـجـدديه نـعـيـمـيه (ڪـراچي)، نـور مـصـطفيٰ لائبريري درسگاهه (فضل آباد، خيرپور)، گلزار خليل لائبريري (سامارو)، ٽالپرن جا قلمي نسخا (لطيف آباد)، صوفي لائبريري (تاجپورامام بارگاهه علي آباد (حيدرآباد)، ڀاوندا لاکا (قمبر) ۽ ڪتبخانه مدرسه باب الرشاد لکمير (نوابشاهه) اچي وڃن ٿا. هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي نگراني ۽ مولانا محمد ادريس سنڌيءَ جي معاونت ۾ تيار ڪيو ويو آهي. هي ڊبل ڪرائون جي 550 صفحن تي مشتمل ڪتاب 2010ع ۾ ڇپيو آهي. ان جي قيمت 500 رپيا آهي.


لفظ خزينة المخطوطات جلد-2ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو